عبداللطيف ڊول مولانا

عبداللطيف ڊول، مولانا: نامور عالم ۽ خلافت تحريڪ جو اهم ڪارڪن مولوي عبداللطيف ولد سانوڻ ڊول، دين پور، تعلقي ٺل، ضلعي جيڪب آباد جو رهاڪو هو. قرآن مجيد ۽ فارسيءَ جي تعليم عوديءَ ۾، عربي ۽ فارسيءَ جا سبق ٻچڙي ۾ پڙهيو. بعد ۾ عودي جي مدرسي ۾ اچي دستاربند ٿيو. فارغ التحصيل ٿيڻ بعد مختلف ڳوٺن: ڳوٺ عبدالغني شاهه، دين پور ٺل ۽ هاليجي جي مدرسن ۾ درس ۽ تدريس ڏنائين. پاڻ تحرير ۽ تقرير جو به وڏو ماهر هو. سندس ڪيتريون ئي فتوائون ڪتاب ‘شرح اسماءُ الحسنيٰ’ ۾ شايع ٿيل آهن. هن پنهنجي سياسي زندگيءَ جو آغاز ‘خلافت تحريڪ’ کان ڪيو. هيءُ تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن هو. خلافت تحريڪ دوران انگريزن جڏهن ‘امن سڀا’ قائم ڪرائي ۽ ان جي روح روان مولوي فيض الڪريم ٺاروشاهيءَ کان ‘تحقيق الخلافت’ نالي فتويٰ جو رسالو لکرائي، خلافت جي حيثيت ۽ حقيقت خلاف شايع ڪرايو ته عالمن ان رسالي خلاف فتوائون جاري ڪيون ته ڪيترن ئي فتوائن جي تصديق مولانا عبداللطيف ڊول ڪئي. مولوي عبداللطيف نه رڳو تحريڪ جي مالي مدد ڪئي. پر تحريڪ جي آواز کي عوام تائين پهچائڻ لاءِ جلسن ۾ شرڪت ڪئي. هن تحريڪ جي خاتمي بعد جمعيت العلماءَ م شموليت اختيار ڪئي، پنهنجي لياقتن سبب ضلعي جيڪب آباد جي عالمن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. 1931ع ۾ جڏهن ‘جمعيت المبلغين’ ٺاهي وئي ته هيءُ ان جو نائب ناظم مقرر ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو